اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چي?? آهي ته سياست جي آڙ ۾ قانون جي رکوالن کي دهشتگردي جو نشانو بڻائڻ صرف لاقانونيت ۽ غنڊه گردي آهي. پنهنجي ٽ??ئي?? ۾ هن عمران خان جي 2014ع جي تشدد ۽ انتشار جي وڊيوز جاري ڪندي چي?? آهي ته خوني مارچ جا منظر اهڙا هوندا. هن چي?? ته قوم کي سياست ۾ تشدد جي مذمت ڪرڻي پوندي، قوم ??ه وساري ته هي اهو فسادي ۽ فتني باز جٿو آهي جيڪو ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر انتشار پکيڙڻ اچي رهيو آهي، هن چي?? ته عمران خان 9 آگسٽ 2014ع تي چي?? هو ته اسان جو لانگ مارچ اسلام آباد طرف پرامن رهندو ۽ پوءِ هن 126 ڏينهن پاڪستان ۾ سول نافرماني ڪئي، ماڻهن کي انتشار تي اڪسائڻ، بجلي جا بل ساڙڻ، هُنڊي سان پئسا موڪلڻ ۽ ماريو، جلايو جو فساد عوام ڏٺو، قوم کي سياست ۾ فساد ۽ انتشار جي مذمت ڪرڻ گهرجي.