اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا ??رويز اشرف چيو آه?? ته آئين جي بالادستي ئي ا??ان جي منزل آه??، ڇو ته آئين رياست جي هر شهري کي بنيادي حق، جمهوريت ۽ سيڪيورٽي جي ضمانت ڏي ٿو، نفرت، انتشار جي سياست کي ڇڏي ملڪي مسئلن کي حل ڪرڻ طرف وڌڻ جي ضرورت آه??. هن اها ڳالهه پارليامينٽ هائوس ۾ سبزه زار ۾ قائم يادگار جمهوريت تي حاضري جي موقعي تي چئي. هن چيو ته آئين جي تقدس کي برقرار رکڻ ا??ان سڀني جي اولين ذميو??ري آهي. هن چيو ته جمهوري قوتن جي ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ جمهوري قوتن کي آمريت دوران بي پناهه مصيبتن کي منهن ڏيڻو پيو. آئين جي بالادستي ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ قربانيون ڏيندڙ گمنام هيروز کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. جمهوريت جي گمنام هيروز آئين جي تقدس جي لاءِ ڪوڙا کاڌا ۽ قيد جهڙيون مصيبتون برداشت ڪيون. آئين تي عملدرآمد ڪندي وفاقي اڪائين کي آئين ۾ ڏنل اختيارن ۽ شهرين جي بنيادي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻو پوندو. موجوده پارليامينٽ چئني صوبن ??ان گڏجي ملڪ کي مسئلن مان ڪڍڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آه??. ا??ان کي بحيثيت قوم پاڻ ۾ اختلافن کي وس??ري هم آه??گي کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آه??.