اسلام آباد – 11 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته فاٽا کي ملڪ جي ٻين علائقن جي برابر آڻڻ لاءِ ان جي ترقي تي ڌيان ??يڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ملڪ ۾ واپاري ۽ ڪاروباري سرگرمين کي وڌائڻ لاءِ نئين ضم ٿيل ضلعي جي واپاري بر??در?? کي سهولت فراهم ڪرڻ ۽ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جو سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته محدود وسيلن ۽ عالمي مالياتي بحران جي باوجود پاڪستان ??ووڊ – 19 جي وبا دوران ??اروباري بر??در?? ۽ معاشري جي ڪمزور طبقن کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪيو، صدر اهڙن خيالن جو اظهار باجوڙ چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري پي سي سي آءِ جي وفد سان ??الهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. وفد ۾ باجوڙ چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جو صدر لالي شاهه، نائب صدر معراج الدين خان، ايگزيڪيٽو ميمبر شامل هئا، وفد صدر کي باجوڙ ضلعي جي واپاري بر??در?? کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو، ان موقعي تي ٻڌايو ويو ته باجوڙ جي واپاري بر??در?? کي ڪمرشل بئنڪن کان قرض حاصل ڪرڻ ۾ م??ڪلاتون درپيش آهن، هن پاڙيسري ملڪن سان ٻطرفي واپار کي وڌائڻ لاءِ افغانستان سان واپاري پوائنٽ کولڻ تي به زور ڏنو. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته واپاري بر??در?? کي حڪومت پاران پيش ڪيل قرضن کان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي، نوجوان ??اروباري ماڻهو پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ آسان شرطن تي ڪاروباري قرضا حاصل ڪري سگهن ٿا. هن واپارين کي جديد ڪاروباري طريقن کي اختيار ڪرڻ جي به ترغيب ڏني، جيڪي ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهڻ سان ??ڏوگڏ انهن جي ڪاروبار جي پهچ کي وڌائڻ ۾ م??دگار ثابت ٿيندا. صدر واپاري بر??در?? کي اهو به چيو ته هو باجوڙ جي نوجوانن کي آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن جي وزارت پاران شروع ڪيل آن لائن اسڪل ڊولپمينٽ جي ڊي جي اسڪلز پروگرام مان فائدو کڻڻ جي ترغيب ڏيڻ ۾ م??د ڪن، صدر وفد کي انهن جي مسئلن جي حل لاءِ لاڳاپيل کاتن تائين پهچ جي خاطري به ڪرائي.