اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عالمي منڊي ۾ قيمتون وڌڻ جي باوجود ??وام کي ريليف ڏيڻ جي ??اءِ حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل تي وڏي سبسڊي ڏئي رهي آهي، اهي قدم اڳ ۾ ڪنهن به حڪومت نه کنيا، موجوده سياسي صورتحال ۾ پي ٽي آءِ کي عوام جو اعتماد حاصل آهي، ميمبر پنهنجي تڪن ۾ عوامي رابطا تيز ڪن ۽ انهن جا مسئلا فوري حل ڪرائين. وزيراعظم عمران خان سان قومي اسيمبلي ميمبرن ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن ۾ شير اڪبر خان، سليم الرحمان، ظل هما، چوڌري عامر سلطان چيما، ملڪ عمر اسلم خان، عثمان خان ترڪئي، ارباب عامر ايوب، عمران خٽڪ، جاويد اقبال وڙائچ، عبدالمجيد خان نيازي ۽ نياز احمد جهڪڙ شريڪ ٿيا جڏهن ته خاص معاون ملڪ محمد عامر ڊوگر پڻ ملاقات ۾ موجود هو. ميمبرن وزيراعظم تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت عوامي ڀلائي جي ??اءِ انقلابي قدم کنيا آهن، ڪا??يا?? پاڪستان پروگرام جي ذريعي نوجوانن، عورتن، غريب ۽ وچولي طبقي جي ??اڻهن جي ??اءِ بنا وياج قرض فراهم ڪيا پيا وڃن، احساس پروگرام تحت رعايت راشن، تعليمي وظيفن، ايمرجنسي ڪيش، ماءُ ۽ ٻار جي ??اڌويجهه، خصوصي ماڻهن جي ڪفالت، پناهگاهن ۽ عورتن جي ??اءِ س??نٽ?? ٺاهيا ويا آهن. وزيراعظم چيو ته عالمي منڊي ۾ قيمتون وڌڻ جي باوجود ??وام کي ريليف ڏيڻ جي ??اءِ حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل تي وڏي سبسڊي ڏئي رهي آهي، هي اهي سمورا قدم آهن جيڪي اڳ ۾ ڪنهن به حڪومت نه کنيا، موجوده سياسي صورتحال ۾ پي ٽي آءِ کي عوام جو اعتماد حاصل آهي. وزيراعظم قومي اسيمبلي ميمبرن کي پنهنجي ??نهنجي تڪن ۾ عوامي رابطا تيز ڪرڻ ۽ انهن جا مسئلا فوري حل ڪرائڻ جي تلقين ڪئي.