اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري پاڪستان سڄي خطي ۾ صنعتن ۾ سيڙپڪاري لاءِ ان وقت موزون ترين ملڪ آهي، صنعتن ۾ ٻاهرين سيڙپڪاري سان نه رڳو روزگار ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو پر ٽيڪنالاجي جي منتقلي ممڪن ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسپيشل اڪن??مڪ زونز جي باري ۾ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪ??دي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شوڪت فياض ترين، اسد عمر، حماد اظهر، چوڌري فواد حسين، مخدوم خسرو بختيار، صنعت ۽ واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، خالد منصور، سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين اظفر احسن ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته پنجاب جي صنعت واري صوبائي وزي?? ميان اسلم اقبال ۽ صوبائي چيف سيڪريٽريز ۽ آفيسرن وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت ترجيحي بنيادن تي اسپيشل اڪن??مڪ زونز جو نظام پلگ اينڊ پلي ماڊل تي يقيني بڻائي رهي آهي. هن چيو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اسپيشل اڪن??مڪ زونز جي بورڊ آف گورنرز ۽ انتظاميه جي مقرري ۾ ميرٽ جي بالادستي ۽ مفادن جي عدم ٽڪراءُ جهڙن رخن کي نظر ۾ رکيو پيو وڃي، اجلاس کي رشڪئي، ڌاٻيجي، بوستان ۽ علامه اقبال انڊسٽريل سٽي کانس??اء?? ايم 3 انڊسٽريل زون تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايم ٿري اڪن??مڪ زون ۾ صنعتن جي قيام لاءِ 600 ايڪڙ زمين ميسر ڪئي وئي آهي، ان کانس??اء?? بجلي جي فراهمي کانپوءِ انفرااسٽرڪچر تي ڪم تيزي سان جاري آهي. اجاس کي سيڙپڪاري بورڊ پاران مقامي ۽ ٻاهرين سيڙپڪارن لاءِ صنعتن جي قيام ۾ آساني لاءِ کنيل حڪومت جي قدمن کان به آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم سمورن قدمن جي مقرر مدي ۾ تڪميل کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون.