پشاور – 17 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان خيبرپختونخوا جي گورنر شاهه فر??ان ۽ وڏي وزير محمود خان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ص??بي ۾ سياسي ??ور??حال، انتظامي معاملن ۽ امن ا??ان جي ??ور??حال تي ڳالهه ٻول??ه ڪئي وئي. ملاقات ۾ ص??بي ۾ جاري عوامي ڀلائي ۽ ترقياتي منصوبن خاص طور تي زراعت، ٽرانسفارميشن پلانٽ تي عملدرآمد، ٻيلن جي تحفظ جي منصوبي ۽ صحت ڪارڊ جي عوامي پذيرائي تي ڳالهه ٻولهه سان گڏوگڏ وزيراعظم کي مهانگائي کي روڪڻ لاءِ انتظامي پاران کنيل قدمن ۽ ذخيره اندوزي جي خلاف آپريشن تي اڳڀرائي کان به آگا??ه ڪيو ويو. وزيراعظم ترقياتي منصوبن جي مقرر مدي ۽ عوامي ڀلائي جي منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون.