اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پ??ڪستان، سريلنڪا سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. اها ڳالهه هن سريلنڪا جي واپار واري وزير ڊاڪٽر بندولا گناورڌني ۽ علائقائي تعا??ن جي رياستي وزير ٿراڪا بالا سوريا سان ڳالهيون ڪندي چئي جنهن ڪاروباري وفد سان گڏ پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن، گهڻي رخي شعبن ۾ ٻطرفي تعا??ن جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي وزير چيو ته پ??ڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، سياحت، زراعت ۽ دفاع سميت گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن، هن چيو ته پ??ڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري جي فروغ جي حوالي سان ڪيترائي معاهدا موجود آهن، جنهن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي ضر??رت آهي، پاڪستان، سارڪ فورم جي حوالي سان به سريلنڪا کي اهم ملڪ ڳڻايو آهي ۽ سارڪ فورم کي موثر بڻائڻ لاءِ سريلنڪا سان گڏيل ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ لاءِ پرعزم آهي، پرڏيهي وزير سيالڪوٽ ۾ پيش ايندڙ افسوسناڪ واقعي ۾ پريا نٿا ڪمارا جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي ان واقعي جي ذميدارن کي قرار واقعي سازا ڏيارڻ لاءِ حڪومت پاڪستان پاران کنيل قدمن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو، ڊاڪٽر بندولا گناورڌني حڪومت پاڪستان پاران سيالڪوٽ ڪيس جي جلد ٻڌڻي جي خاطري ۽ معاوضي جي ادائيگي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جو ٿورو ادا ڪيو، گذريل سال فيبروري 2021ع ۾ وزيراعظم سان سريلنڪا جي پنهنجي دوري جو حوالو ڏيندي پرڏيهي وزير پاڪستان سريلنڪا جي وچ ۾ آز??دا??ي واپاري معاهدي (ايف ٽي اي) جي ذريعي ٻطرفي واپاري تعا??ن جي ماپي کي وڌائڻ جي ضر??رت تي زور ڏنو ۽ چيو ته پ??ڪستان علائقائي امن، ترقي، حصيداري ۽ رابطن جي فروغ تي ٻڌل، اقتصادي ترجيحن تي ڌيان ڏنو آهي، ڌرين ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري ڪمپنين، واپاري چيمبرز جي وچ ۾ ٻطرفي ملاقاتن جي فروغ تي اتفاق ۽ علائقائي ۽ عالمي فورمن جي سمورن سطحن تي تعا??ن جي ذريعي علائقائي امن، ترقي ۽ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. واضح رهي ته ڊاڪٽر گناورڌنا سريلنڪا جي واپاري وفد سان 20 کان 27 جنوري تائين پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي.