اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته شهرن جي ترقي لاءِ اهڙي ڊگهي مدي واري منصوبابندي جي ضرورت آهي جنهن جي نتيجي ۾ شهرن جو انتظام ۽ انصرام عوام کي به??ر خدمتون فراهم ڪري سگهي ۽ اوڳاڙيون به ٿي سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ لاهور شهر ۾ ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ رستن جي تعمير جي من??وب?? جي حوالي سان منعقد اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته لاهور شهر مان تمام گهڻي اوڳاڙي گڏ ٿي سگهي ٿي. هن ان سلسلي ۾ شهر جي اهم زمينن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو جيڪي هن وقت استعمال ۾ نه آهن ۽ بيڪار پيل آهن. وزيراعظم چيو ته شهر انهن اهم جاين کي عوامي مفاد جي من??وب?? لاءِ استعمال ۾ آڻي نه رڳو انهن زمينن مان فائدو کڻي سگهج?? ٿو پر ان سان حڪومت ڪافي اوڳاڙيون به حاصل ڪري سگهي ٿي. وزيراعظم تجويز ڏني ته لاهور ۾ شهري من??وب?? کي سرڪاري ۽ جي شعبي جي حصيداري سان راوي اربن ڊيولپمينٽ ۽ سينٽرل ڊسٽرڪٽ من??وب?? جي طرز تي هلايو وڃي. اجلاس کي پنجاب حڪومت جي گلبرگ ۾ بوليورڊ ايم ٽو موٽروي ايليويٽيڊ ايڪسپريس وي من??وب?? بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ايليويٽيڊ ايڪسپريس وي لاهور جي شهرين ۽ مسافرن کي شرقي ۽ غربي روٽ فراهم ڪندو ۽ ان سان موجوده رستن تي ٽريفڪ جي دٻاءُ ۾ گهٽتائي ايندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب حڪومت ان کان اڳ ان من??وب?? لاءِ 5 ارب رپيا خرچ ڪيا جڏهن ته من??وب?? جي ڪل لاڳت جو ڪاٿو 61 ارب رپيا لڳايو ويو آهي ۽ هو 15 مهينن ۾ مڪمل ٿيندو. ان من??وب?? سان سفر جو وقت 30 منٽ گهٽ ٿيندو ۽ روزانو 73 هزار گاڏيون اهو روٽ استعمال ڪنديون. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت رين، تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير ا??د عمر، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل شرڪت ڪي جڏهن ته پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، پنجاب جا صوبائي وزير ۽ سينيئر عملدار وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا.