لاهور – 31 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان معاشري جي ڪمزور طبقن جي ترقي، ڀلائي ۽ بهتري تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، مديني جي رياست جو ماڊل معاشري جي پيڙهيل ۽ ڪمزور طبقن جو خيال رکڻ تي تمام گهڻو زور ڏي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان لاهور جنرل اسپتال جي سامهون فيروز پور روڊ تي پنا??گا??ه لاهور جي افتتاح جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته پنا??گا??ن جي رهواسين جي محفوظ ۽ آرامده قيام کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا امڪ??ني قدم کنيا وڃن. ان کان اڳ وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پنا??گا??ه لاهور ۾ 80 ماڻهن ۽ 20 عورتن جي رهڻ جي گنجائش موجود آهي ۽ اهي پنا??گا??ون تمام جديد شهري سهولتن سان آراسته آهن. انهن سهولتن ۾ استقباليه، انتظار گاهه، نگر??ني جو نظام، بهترين ڪچن، ??رد?? ۽ عورتن لاءِ کاڌي جي جاءِ، فلٽر ٿيل پاڻي، نماز ادا ڪرڻ لاءِ مختص جڳهه، صفائي، لانڊري ۽ بجلي جي بنا رنڊڪ فراهم?? شامل آهن. احساس سينٽر شٽل سروس، معذور ماڻهن جي لاءِ سهولتن ۽ عورتن جي ڌار منزل پناه گاهه لاهور جون اهم خاصيتون آهن.