اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پ?? پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آمريڪي سين??ٽر ۽ اڳوڻي ڊيموڪريٽڪ اڳواڻ هيري ريڊ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. هيري ريڊ 82 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ صدر چيو ته سين??ٽر هيري ريڊ جي موت تي تعزيت ڪرڻ چاهيان ٿو، هو پاڪستان جو تمام سٺو دو??ت هو. صدر ياد ڏياريو ته 2012ع ۾ جڏهن هو ۽ عمران خان افغانستان جي مسئلي تي پرامن حل جي ڪوشش جي سلسلي ۾ آمريڪا جي دوري تي ويا هئا ته مرحوم سين??ٽر وڏي شاندار انداز ۾ آمريڪي سينيٽرز ۽ ڪانگريس ميمبرن سان سندن ملاقاتن جو اهتمام ڪيو هو.