اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪ??تا?? جي معاشي استحڪام جي لاءِ اقتصادي سفارتڪاري جي ذريعي ڪوششون استعمال ۾ آڻيندا رهنداسين، اسان جي متحرڪ ۽ فعال پرڏيهي پاليسي جي ڪري ا?? پاڪ??تا?? عالمي برادري جي ڌيان جو مرڪز بڻجي چڪو آهي. اها ڳالهه هن پرڏيهي وزارت ۾ اعليٰ س??حي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. پرڏيهي اسپيشل سيڪريٽري رضا بشير تارڙ ۽ پرڏيهي وزارت جي سينيئر آفيسرن پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ الله تعاليٰ پاڪ??تا?? کي عالمي سطح تي سرخرو ڪيو. پرڏيهي وزير او آءِ سي ??رڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي موقعي تي انتهائي گهٽ وقت ۾ بهترين انتظامن کي ساراهيندي پرڏيهي سيڪريٽري ۽ پرڏيهي وزارت جي سموري ٽيم کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته بهترين سفارت جي لاءِ معاشي پاڻڀرائپ تمام گهڻي اهميت رکي ٿي، پاڪ??تا?? جي معاشي استحڪام جي لاءِ اقتصادي سفارتڪاري جي ذريعي ڪوششون استعمال ۾ آڻيندا رهنداسين. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪ??تا?? ايندڙ سال مارچ ۾ او آءِ سي ??رڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 39 هين اجلاس جي ميزباني لاءِ تيار آهي، اسان جي متحرڪ ۽ فعال پرڏيهي پاليسي جي ڪري ا?? پاڪ??تا?? عالمي برادري جي ڌيان جو مرڪز بڻجي چڪو آهي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته مون کي فخر آهي ته آئون انتهائي قابل سول سرونٽس ۽ سفيرن جي ٽيم جي سربراهي ڪري رهيو آهيان.