استنبول – 10 ڊسمبر (اي پي پي) قوم?? اسيمبلي جي ڊپٽ?? اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته پاڪستان قطر سان پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو ۽ پارلياماني ۽ اقتصادي رابطن جي فروغ جي ذريعي انهن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خو??هش??ند آهي. قوم?? اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب ڊپٽ?? اسپيڪر استنبول ۾ اهڙن خيالن جو اظهار ( پي يو آء?? سي) جي 16 هين اجلاس جي موقعي تي قطر جي ڊپٽ?? اسپيڪر سان ٿيندڙ سائيڊ لائين گڏجاڻي ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ ٻه طرفي علائقائي سلامتي جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊپٽ?? اسپيڪر قاسم خان سوري ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ جي وچ ۾ رابطن جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جا پارليامينٽ جا ميمبر ٻنهي قومن جي ويجهو آڻڻ ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ دفاعي شعبن سميت ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ڊپٽ?? اسپيڪر قاسم خان سوري چيو ته پاڪستان ۾ هنرمند افرادي قوت موجود آهي جيڪا قطر ۾ منعقد فيفا ورلڊ ڪپ جي سلسلي ۾ انفرااسٽرڪچر جي تعمير ۽ سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ ۾ بهرين خدمتون سرانجام ڏئي سگهي ٿي. قطر جي ڊپٽ?? اسپيڪر چيو ته پاڪستان اسلامي دنيا جو هڪ اهم ملڪ اهي ۽ قطر پاڪستان سان پنهنجي ويجهي دوستاڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، هن ٻطرفي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڊپٽ?? اسپيڪر قاسم خان سوري جي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني سطح تي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي تجويز سان اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ قوم?? اسيمبلي جي ڊپٽ?? اسپيڪر کانسواء?? سينيٽر رانا مقبول احمد ۽ ترڪي ۾ پاڪستاني سفير محمد سائرس سجاد قاضي به موجود هئا.