اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ايران جي سندس هم منصب حسين امير عبداللهيان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ علائقائي خاص طور تي افغانستان جي پيدا ٿيندڙ صورتحال سميت گڏيل ??لچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايراني ??رڏيهي وزير پنهنجي پاڪستاني ??م منصب مخدوم شاهه محمود قريشي کي ايندڙ هفتي تهران ۾ متوقع افغانستان جي ويجهي پاڙيسري ملڪن جي وزارت?? سطح جي ٻئي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. پرڏيهي وزير علائقائ?? سطح تي گڏيل ??ڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان جي قدم جي مڪمل تائيد ۽ حمايت تي ايراني ??رڏيهي وزير جا ٿورا مڃيندي ان اهم اجلاس جي وقت سر منعقد ڪرڻ تي ايراني ??رڏيهي وزير کي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي اميد ظاهر ڪئي ته افغانستان جي ويجهي پاڙيسري ملڪن جو اجلاس منعقد ڪرڻ ۽ گڏيل ڳالهه ٻولهه سان علائقائ?? سطح تي تعاون کي مستحڪم بڻائڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته افغانستان جي حوالي سان ا??ان جي موقف ۾ ه?? جهڙائي ۽ هم آهنگي خوش آئنده آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ علائقائ?? سطح تي تعاون لازمي آهي. افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ معاشي بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ا??تعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي.