اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پرچيءَ چيئرمين بلاول، توهان ??ه ڏينهن ۾ جاڳندي حڪومت ٺاهڻ جا خواب ڏسي رهيا آهيو، خواب ڏسڻ تي ڪا پابندي نه آهي، بلاول، توهان وفاقي يا صوبائي حڪومت بابت سوچڻ ڇڏي ڏيو، ايندڙ اليڪشن ۾ سنڌ جي عوام به توهان کي رد ڪري ڇڏيندي، هينئر ته زرداري جي حساب جو وقت آهي، بلاول ئي ٻڌائي ڇڏي ته سندس بابا پاڪستان ??ي ڦريل دولت ڪڏهن ۽ ڪيئن واپس ڪندو؟ سنڌ جي عوام کي ذخيره اندوزن، ٽينڪر مافيا جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو، اربين رپين جي ڪڻڪ هڙپ ڪريو ٿا جڏهن پڪڙيا وڃن ته ذميواري چوهن تي وڌي وڃي ٿي. بلاول زرداري جي بيان ??ي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته بلاول ۽ زرداري پارٽي جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو، هاڻي ته جيالا به سوچڻ تي مجبور آهن ته ڪهڙي ڪرپٽ پارٽي جو حصو آهيون، بلاول صاحب، توهان کي مشورو آهي ته سنڌ جي عو??م جي بنيادي مسئلن تي ڌيان ڏيو. هن چيو ته وزيراعظم عمران ??ان کي دنيا ڄاڻي ٿي ۽ عزت ۽ احتر??م جي نگاهه سان ڏسي ٿي، ماضي جي حڪمرانن جو عالمي قيادت آڏو معذرت خواهڻو رويو هوندو هو، عمران ??ان ??کين ۾ اکيون وجهي ڳالهه ڪري ٿو. هن چيو ته اسان ??ي حڪومت جي اولين ترجيح عام ماڻهو جي ترقي آهي، ان ??ي لاءِ قدم کني رهيا آهيون. وزيراعظم عمران ??ان ??ي قيادت ۾ بنا ڪنهن فرق جي پوري ملڪ ۾ تعمير ۽ ترقي جو ڄار وڇائي رهي آهي. هن چيو ته بلاول کان ??وال آهي ته 13 سالن ۾ ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ هڪ ميگا پراجيڪٽ جو ٻڌائي ڇڏي جيڪو مڪمل ڪيو هجي، سنڌ ۾ صاف پاڻي، تعليم، صحت، ٽرانسپورٽ، رستن جي تعمير سميت هر شعبي ۾ وفاق ڪم ڪندي نظر اچي رهي آهي.