اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان امن جو خواهشمند آهي پر ڀارت پاڪستان جو امن تباهه ڪرڻ جو پڪوپهه ڪري رکيو آهي، جديد ??يڪنالاجي جي استعمال سان ڏوهن ۽ دهشتگردي جي واقعن تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پوليس شهيدن جي ??هاڙي جي حوالي سان تقريب کي خ??اب ڪندي ڪ??و. هن چيو ته پوليس جي شهيدن جي تقريب ۾ شرڪت فخر جوڳي آهي، پوليس جي تمام گهڻين قربانين ۽ انهن جي مسئلن جو ادراڪ آهي. فوج ۽ پوليس جي قربانين سان ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي خ??م ڪيو، پاڪستان جي فوج ۽ پوليس پاڪستان کي قائم رکڻ جي لاءِ پنهنجو رت پيش ڪيو. هن چيو ته ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ سيڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو ۽ اسان کي چوڪس رهڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڀارت پاڪستان جو امن برباد ڪرڻ چاهي ٿو ۽ لاهور واقعي ۾ به ڀارت ملوث هو. ڀارت پاڪستان جو امن تباهه ڪرڻ جو پڪوپهه ڪري رکيو آهي. هن چيو ته آئون شهيدن جي خ??ندانن سان ٽيليفون تي رابطو رکڻ جي ??وشش ڪندو آهيان ۽ انهن جي ??ک ۾ شريڪ ٿيندو آهيان. مون کي فخر آهي ته شهيدن جا خاندان پنهنجي سپوتن جي شهادت تي فخر ڪن ٿا. دنيا جي ??ا قوم پنهنجي شهيدن ۽ ملڪ جي لاءِ ايتري محبت نه ٿي رکي. پاڪستان جي فوج ۽ پوليس دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون. دنيا جا سپر پاورز به دهشتگردي تي ضابطو آڻي نه سگهيا پر پاڪستان اڪيلي ان چئلينج تي ضابطو آندو. هن يچو ته پوليس ڏوهاري ماڻهن جي خلاف هر اول دستو آهن. هن ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته انهن جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ سيڙپڪاري ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ڏوهن ۽ دهشتگردي جي واقعن تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. ڊرون ڪئميرا ۽ ٽيليفون ڊيٽا جي تجزيي سان ڏوهن جي جاچ ۾ مدد حاصل ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته اسلام آباد پوليس جي زخمي اهلڪارن کي بهترين علاج جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن. صدر پوليس جي شهيدن جي پونئيرن کي مالي امداد ۽ ٻارن کي نوڪريون ڏيڻ تي پوليس کي ساراهيو. هن چيو ته شهيد ??وم کي نئين زندگي ڏين ٿا ۽ شهيدن جي ٻارن جي تعليم جي ذميواري رياست کي کڻڻ گهرجي. صدر چيو ته پاڪستان صهيح فيصلن جي ??ري ڪ??رونا تي ضابطو آندو ۽ ڀارت جي ??يٽ ۾ پاڪستان ۾ حالتون بهتر رهيون. عالم سڳورن، ميڊيا ۽ قوم جي تعاون سان حالتون ڪنٽرول ۾ رهيون. ڪرپشن قوم کي اڏوهي وانگر کائي وڃي ٿي ۽ پاڪستان ايماندار قيادت جي ??ري ترقي ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته قوم گڏجي ??ورونا وبا جو مقابلو ڪيو، وزيراعظم عمران خان دانشمنداڻا فيصلا ڪيا، قوم ذميواري جي احساس جو مظاهرو ڪيو، عالم سڳورن ۽ ميڊيا پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد ۽ انسپيڪٽر جنرل آف اسلام آباد پوليس قاضي جميل الرحمان پڻ تقريب کي خ??اب ڪيو. تقريب ۾ قومي اسيمبلي جي ??پٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، گهرو سيڪريٽري، پوليس جي اعليٰ عملدارن ۽ پوليس شهيدن جي وارثن ۽ گهرڀاتين شرڪت ڪئي.