اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) اط??اعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪستان ٽيلي ويزن ڪارپوريشن ۽ پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي ٽيڪنيڪي اپ گريڊيشن ۽ جدت بابت ??اپ??ن ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گڏيل منصوبن تي جلد عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ??اپ??ن 6 ڏهاڪن تي ٻڌل گهڻ رخي فعال حصيداري ج?? حامل ملڪ آهن. ا??ا ڳالهه هن ملاقات جي لاءِ آيل ??اپ??ن جي سفير ڪني نوري مستودا سان ڳالهائيندي چئي. اط??اعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??اپ??ن جي سفير کي ٻڌايو ته پاڪستان ٽيلي ويزن (پي ٽي وي)، پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي) ۽ ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان کي ج??يد دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته حڪومت ناميارين قومي خابرو ادارن وانگر اي پي پي کي پريميم نيوز ايجنسي ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته ملڪ جي وڏن شهرن ۾ 11 جديد اسٽوڊيوز جو قيام عمل ۾ آندو ويندو جنهن جو مقصد اي پي پي جي ج??يد ترين وڊيو نيوز سروس جي جوڙجڪ ۽ استحڪام آهي، وفاقي وزير ??اپ??ن جي سفير کي ميڊيا ٽيڪنالاجي يونيورسٽي جي قيام لاءِ حڪومتي قدمن جي باري ۾ به آگاهه ڪيو. هن چيو ته انساني وسيلن جي تربيت جي فراهمي ۾ ??اپ??ن جو تعاون ضروري هوندو. اط??اعات واري وفاقي وزير گيمنگ ۽ ايني ميشن جي ميدان ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي ضرورت تي به زور ڏيندي چيو ته ان سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. اط??اعات واري وزير فلم، ڊرامه، پوڊ ڪاسٽ ۽ جوائنٽ پروڊڪشن جي شعبن ۾ ??اپ??ن سان گڏيل منصوبن جي ضرورت تي به زور ڏنو، وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ ??اپ??ن جي سفير ميڊيا ۽ اط??اعات جي شعبن ۾ پاڪستان ۽ ??اپ??ن جي وچ ۾ جاري گڏيل منصوبن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.