اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر وزيراعظم عمران خان کي سنڌ ۾ بدانتظامي خاص طور تي امن امان ۽ وڌندڙ ڏوهن تي ڳڻتي کان آگاهه ??يو آهي. وزيراعظم گهرو وزير کي سنڌ جو دورو ڪرڻ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏج?? صورتحال تي حڪمت عملي طئي ڪرڻ جي هدايت ڪ??ي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزي?? چيو ته وزيراعظم عمران خان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر سنڌ ج?? صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.