اسلام آباد – پهرين اپريل (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وفاقي ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته جيستائين ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جي پنهنجي غير قانوني قدمن ک?? تبديل نٿو ڪري، ان ??قت تائين ڀارت ??ان ??اڳاپن ک?? معمول تي نٿو آڻي سگهجي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي فيصلن جي حوالي سان ??يڊيا کي بريفنگ ڏيندي هن چيو ته حڪومت ڀارت ??ان ??اڳاپن ۾ بهتري آڻڻ جي خواهشمند آهي پر ائين ڪشمير جي قيمت تي ڪڏهن به نٿو ٿي سگهي، هن چيو ته ڪابينا خيبرپختونخوا جي طرز تي اسلام آباد ۽ گلگت بلتستان ۾ صحت سهولت ڪارڊ فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وفاقي وزير چيو ته ڪابينا ڪورونا ويڪسين جي قيمت 4225 روپيا مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته اسپوٽنگ ويڪسين جي قيمت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ طئي ڪئي ويندي، هن چيو ته ڪابينا ڪنهن به دوا جي قيمت ۾ اضافو ڪرڻ کانسواءِ 43 دوائن جي قيمتن تي نظرثاني ڪئي آهي، فواد چوڌري چيو ت?? وزيراعظم عمران خان سمورين وزارتن ۽ کاتن ک?? هدايت ڪئي آهي ته هو سرڪاري ملازمن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺن، هن چيو ته براڊشيٽ انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ جي روشني ۾، ڪابينا ان ??عاملي ۾ ملوث آفيسرن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، فواد چوڌري چيو ته کنڊ بحران ??يدا ڪرڻ ۾ ملوث مافيا جي خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي، هن چيو ت?? وزيراعظم اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي واکاڻ ڪئي ۽ جيڪا چونڊ طريقيڪار ۾ شفافيت آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.