اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر خيبرپخت??نخ??ا جي وڏي وزير محمود خان ملاقات ڪئي جنهن ۾ وفاقي وزيرن پرويز خٽڪ، عمر ايوب ۽ قومي اسيمبلي ميمبر رميش ڪمار ۽ خيبرپخت??نخ??ا جو ناڻي وارو وزير تيمور خان به موجود هئا. اجلاس ۾ خيبرپخت??نخ??ا ۾ سي پيڪ تحت جاري منصوبن جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته سي پيڪ تحت جاري منصوبن جي جلد تڪميل لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.