اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? هدايت ڪئي آهي ته غير قانوني شڪار ۽ وڻن جي واڍي جي روڪٿام لاءِ منظم قدم کنيا وڃ??، ٻيلن جي بحالي لا??ِ جامع پاليسي جوڙي وڃ?? ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آندو وڃ??. هو پنجاب صوبي ۾ ٻيلن جي تحفظ ۽ بحالي جي حوالي سان منعقد اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ ماحولياتي تبديلين بابت خاص مددگار ملڪ امين اس??م، پنجاب جي ٻيلن واري وزير سبطين خا?? ۽ ٻين به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خا?? کي ڇانگامانگا ۽ ٻين ٻيلن جي بحالي جي حوالي سان کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. گذريل ڪجهه سالن ۾ ڇانگامانگا جي اڍائي هزار ايڪڙ زمين کي وڻن کان محروم ڪري بنجر بڻايو ويو. وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته موجوده حڪومتي دور ۾ 10 بلين ٽري سونامي مهم ۾ هڪ هزار ايڪڙ رقبي تي وڻڪاري جو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي، اڍائي هزار ايڪڙ رقبي تي سال 2023ع تائين اهو عمل مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته ماحولياتي آلودگي جا اثر گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان ٻيلا ۽ وڻڪاري اهم اهميت رکندڙ آهن ۽ ٻيلن جو تحفظ ۽ بحالي موجوده حڪومت جي ترجيحن جو حصو آهي.