لاهور – 12 ف??بر??ري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ت?? الله تعاليٰ اسان جي ملڪ ڪيترن ئي قدرتي نعمتن سان مالا مال ڪيو آهي، اسان جي ملڪ ۾ ڪنهن به شيءَ جي کوٽ نه آهي، حڪومت ملڪ ۾ زيتون جي ٻيلا لڳائڻ جو منصوبو شروع ڪرڻ وڃي رهي آهي، زيتون جي ٻيلن سان خاموش انقلاب ايندو، گذريل 12 سالن ۾ لاهور ۾ 70 سي??ڙو وڻن جو خاتمو ٿي چڪو آهي، ايندڙ نسل کي صاف ۽ بهتر ماحول جي فراهمي يقيني بڻائڻي پوندي، 50 مختلف جاين تي ٻيلا لڳايا ويندا، چين جي ??رق?? جو راز ان جي ڊگهي مدي واري منصوبابندي آهي، بدقسمتي سان ماضي جون حڪومتون اليڪشن لاءِ پنج سالن جو سوچينديون رهيون، ملڪ جي مستقبل لاءِ اسان کي به ڊگهي مدي واري منصوبابندي ت?? هلڻو پوندو، 10 ارب وڻ پوکڻ سان ماحولياتي آلودگي ۾ گهٽتائي ايندي. وزيراعظم عمران خان اهڙن خيالن جو اظهار جيلاني پارڪ ۾ اربن فاريسٽ منصوبي جي افتتاحي ت??ريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته هڪ وقت جڏهن لاهور سڄو گرين هو، ٻنيون هيون، لارنس گارڊن، جناح باغ جي ڪري سڄو شهر سرسبز هو، آبادي جي وڌڻ سان گڏ اسان لاهور جي ماحوليات تي ڌيان نه ڏنو، گذريل 12 سالن ۾ لاهور جي 70 سي??ڙو وڻن جو خاتمو ٿي چڪو آهي، ان جا منفي اثر هاڻي سڀني جي سامهون آهن، ف??بر??ري جي مهيني ۾ هڪ بهترين موسم هوندو هو پر اڄ حالت اها آهي ت?? هر پاسي ڌنڌ جو راڄ آهي جيڪا هڪ خاموش قاتل آهي، ڏينهن ئي نٿو نڪري، ڌنڌ جي ڪري ٻارن ۽ پوڙهن ۾ ڦڦڙن جو مرض عام ٿي چڪو آهي، عمران خان چيو ته اسان کي ايندڙ نسل کي صاف ۽ بهتر ماحول جي فراهمي يقيني بڻائڻي پوندي، حڪومت ماحولياتي آلودگي جي خاتمي جي لاءِ بلين ٽري منصوبو شروع ڪيو آهي جنهن سان آلودگي ۾ گهٽتائي ايندي.