اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان ڪيوبا ج?? سفير گيبريل ٽيل ڪيپوٽ الوداعي ملاقات ڪئي جنهن ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ثقافت جي شعبي ۾ تعاون تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان عظيم ۽ گهڻ رخي ثقافتي ورثي جو امين آهي، ثقافت ۽ ميڊيا ج?? شعبن ۾ ٻطرفو تعاون مددگار ثابت ٿيندو. هن چ??و ته پاڪستان ۽ ڪيوبا ج?? وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا قائم آهن.