اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته خودمختياري وارو حق انساني احترام جو بنيادي جزو آهي، عالمي برادري کي ڀارتي غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مظل??م عوام جي حوالي سان پنهنجي خاطرين ۽ ذميدارين کي پورو ڪرڻ گهرجي، پاڪستان ڪشميرين جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد جي هرممڪن حمايت جاري ر??ند??. ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته هر سال پ??ج جنوري کي ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن لاءِ خودمختياري واري حق جي ڏهاڙي جي طور تي ملهايو ويندو آهي، اهو ڏينهن ان ڳالهه جي ياد ڏياري ٿو ته عالمي برادري ڀارتي غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مظل??م عوام جي حوالي سان پنهنجي ذميدارين کان نظرون نٿي ڦيرائي سگهي.