اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزار جي هدايت تي هيومن رائيٽس جي پارليامينٽري سيڪريٽري لالچند مالهي ڪرڪ ضلعي جي ڳوٺ ٽيري ۾ ساڙيل ۽ ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿيندڙ شري پدم هنس مهاراج جي مندر جو دورو ڪيو. اتي پارلياماني سيڪريٽري مقامي امن جرڳي ۽ مقامي ه??دو ڪميونٽي سان ملاقات ڪئي. امن ڪميٽي انتظاميه ۽ مقامي ه??دو ڪميونٽي سان مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي، مقامي ماڻهن ٻڌايو ته مندر تي حملو پو??يس جي موجودگي ۾ ٿيو. پو??يس جاني نقصان کان بچڻ لاءِ فوري ايڪشن کان پاسو ڪيو، انتظاميه بر??فنگ ڏيندي آگاهه ڪيو ته شري پدم هنس مهراج جي مندر تي حملو ڪندڙ مرڪزي ملزم مولي محمد شريف کي پو??يس حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ هن وقت ت??ئين 45 جوابدارن کي ب?? گرفتار ڪيو ويو آهي، ان موقعي تي وفاقي پارلياماني سيڪريٽري ه??دو برادري کي خاطري ڪرائي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت اقليتن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي ۽ اقليتي برادري جي مقدس ماڳن جي ب?? حفاظت ڪندي.