اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سماجي مسئلن جي حل ۽ قومسازي ۾ ميڊيا جي ڪردار تي زور ڏيندي پاڪستانين کي عظيم قوم بڻائڻ جي عزم کي ورجايو آهي. هن آل پاڪستان ??يوز پيپرز سوسائٽي (اي پي ??ين ايس) جي اهتمام هيٺ 24 هين سالياني ايوارڊ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اي پي ??ين ايس ڊگهي عرصي کان صحافين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي، هن وقت پرنٽ ميڊيا انڊسٽري کي چئلينجز درپيش آهن، حڪومت انهن مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن ڪردار ادا ڪري رهي آهي.