اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بي سهارا، غريب ۽ لاچار ماڻهو رياست جي ذميواري آهن قرار ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته سڄي ملڪ ۾ پناهگاهون قائم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس پروگرام جوڙيو وڃي. وزيراعظم عمران خان سان تازو ئي مقرر ڪيل وزيراعظم جي پناهگ??هن بابت فوڪل پرسن نسيم الرحمان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم جي ويزن تحت سڄي ملڪ ۾ قائم ڪيل پناهگ??هن جي نظم ۽ ضبط ?? وڌيڪ بهتري ۽ ايندڙ 12 مهينن ۾ پناهگ??هن جي دائري جي سڄي ملڪ ۾ توسيع جي حوالي سان تجويز ڪيل قدمن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ??ئي.