اسلام آباد -26 نومبر (اي پي پي) بيلا روس جي صدر اليگزينڊر لوڪا شينڪو جي اعز??ز ۾ گذريل ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ باضابطا آجياڻي تقريب منعقد ڪئي وئي. وزيراعظم محمد ??هباز شريف بيلا روس جي صدر جو وزيراعظم هائوس اچڻ تي پرجوش استقبال ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پرجوش اند??ز ۾ هٿ ملايو، هٿياربند فوج جي چست جٿي کين گارڊ آف آنر پيش ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪ?? جا قومي ترانا وڄايا ويا. بيلا روس جي صدر گارڊ آف آنر جو معائنو به ڪيو. وزيراعظم محمد ??هباز شريف بيلا روس جي صدر سان ڪابينه جي ميمبرن جو تعارف ڪرايو جڏهن ته معزز مهمان به وزيراعظم کي پنهنجي و??د جي ميمبرن سان ملايو. بيلا روس جي صدر وزيراعظم هائوس جي باغيچي ۾ ٻوٽو پڻ لڳايو.