صوابي– 05 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته 7 ڏهاڪا گذري وڃڻ جي باوجود ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد ۾ ڪا به گهٽتائي ناهي آئي، عالمي ادارا ڪشميرين تي ڀارتي ظلم جو نوٽيس وٺن پاڪستان دنيا ۾ تيزي سان ماحولياتي تبدي??ين کان متاثر ٿيندڙ ملڪ آهي، خيبرپختونخوا حڪ??مت ۾ وزيراعظم عمران خ??ن جي قيادت ۾ ب??ين ٽري سونامي منصوبي جو آغاز ڪيو ويو، ب??ين ٽري سونامي منصوبي مان 3 لک 50 هزار ايڪڙ زمين جي واڍي کي روڪيو ويو. جامع صوابي ۾ وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ اسپيڪر ٻوٽو لڳايو. ان موقعي تي اسپيڪر چيو ته ب??ين ٽري سونامي منصوبي جي ڪاميابي جو اعتراف عالمي اداران ڪيو. خيبرپختونخوا دنيا جو واحد صوبو بڻجي ويو آهي جنهن ”بون چئلينج“ وقت کان پهرين مڪمل ڪيو. هن چيو ته عوام کي درخواست ڪريان ٿو ته وزيراعظم جي ويزن موجب ”ب??ين ٽري سونامي“ ۾ وڌي چڙهي حصو وٺن ته جيئن پنهنجي ٻارن ۽ ايندڙ نسلن کي هڪ سرسبز ۽ صاف پاڪستان ڏئي سگهون. هن چيو ته اڄ 5 آگسٽ استحصال ڪشمير ڏهاڙي جي موقعي ڀارت جي غير آئيني ۽ غير انساني قدمن جي پرزور مذمت ڪريان ٿو. وزيراعظم عمران خ??ن ۽ پاڪستان حڪ??مت پنهنجي مظلوم ڪشميرين ڀائرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. وزيراعظم عمران هر فورم تي مظلوم ڪشميرين جي لاءِ آواز اٿاريو آهي.