اسلام آباد – 25 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم آفيس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي ۽ صوبائي سا??ياني ترقياتي اسڪيمن جي معاملن ۽ بجيٽ تياري کي حتمي شڪل ڏيڻ ۽ منظوري بابت معاملن جو پڻ جائزو ورتو ويو. ڪابينا پاڪ چين ايف ٽي اي تحت خصوصي فورس جي تربيت جي معاهدي، انٽيليڪچوئل پراپرٽي ٽربيونل جي پرزائيڊنگ آفيسر جي مقرري، وفاقي ڪابينا جي ان لينڊ روينيو اپيليٽ ٽربيونل جي چيئرمين جي مقرري ۽ ليگل پريڪٽيشنر ۽ بار ڪائونسل ايڪٽ 1973ع ۾ ترميم ج?? منظوري ڏئي ڇڏي. اجلاس دوائن جي لائيسنس، رجسٽريشن، تشهير ۽ ڄمون ۽ ڪشمير ايڊمنسٽريشن آف پراپرٽي رولز ۾ تجويز ڪيل ترمي??ن بابت قانوني معاملن جي حوالي سا?? ڪابينا ڪميٽي جي سفارشن جي توثيق ڪئي.