اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وقت وينٽي ليٽرز تي نه آهي جڏهن ته سڄي ??لڪ ۾ ڪورونا جي لاءِ مختص ٿيل هڪ هزار 912 وينٽي ليٽرز تي 93 ڪورونا جا مريض آهن، هن وقت سڄي ??لڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 6 هزار 726 آهي، هيستائين سڄي ??لڪ ۾ ڪورونا ما?? صحتياب ٿيندڙ مريضن جو تعداد 2 لک 86 هزار 157 ٿي چڪو آهي. اڱاري ڏينهن اين سي او سي ما?? جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 330 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 5 مريض سڄي ??لڪ جي اسپتالن ۾ وائرس جي ڪري فوت ٿيا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 23 هزار 521 ڪورونا ٽيس?? ڪيا ويا جنهن ۾ سنڌ ۾ 9 هز??ر 384، پنجاب ۾ 8 هزار 907، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 202، اسلام آباد ۾ 2 هزار 253، بلوچستان ۾ 292، گلگت بلتستان ۾ 351، آزاد ڪشمير ۾ 132 ٽيس?? ڪيا ويا، هيستائين سڄي ??لڪ ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد 2 لک 99 هزار 233 ٿي چڪو آهي، جنهن ما?? آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 333، بلوچستان ۾ 13 هزار 321، گلگت بلتستان ۾ 3 هزار 41، اسلام آباد ۾ 15 هزار 762، خيبرپختونخوا ۾ 36 هزار 663، پنجاب ۾ 97 هزار 306 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 30 هزار 807 مريض آهن.