مظفر آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان استحصال جي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشميرين سان يڪجهتي جي لاءِ آزاد ڪشمير جي گادي واري شهر مظفر آباد پهتو ۽ ريلي جي قيادت ڪئي. ريلي ۾ آزاد ڪشمير جي ??در سردار مسعود خان، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر، ڪشمير بابت پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، ڪشمير معاملن واري وزير ع??ي امين گنڊاپور، پارلياماني سيڪريٽري ثوبيه ڪمال، آزاد ڪشمير جي وزيرن، قانونساز اسيمبلي ميمبرن، حريت ڪانفرنس آزاد ڪشمير شاخ جي ??ڳواڻن ۽ عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم ڀارتي ظلمن جي ??لاف شيهي جي ??يوار بڻيل ڪشميرين جي ??ريت جي ??ذبي کي خراج تحسين پيش ڪرڻ ۽ شهيدن جي ياد ۾ ٺاهيل مزاحمتي وال جو افتتاح ڪيو. ک??س هتي ان حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي ڪشمير جي ??هيدن جي لاءِ دعا پڻ ڪئي وئي. ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان جي مظفرآباد اچڻ تي هيلي پيڊ تي وزيراعظم راجا فاروق حيدر ۽ صدر سردار مسعود خان سندس استقبال ڪيو.