اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) توانائي واري وفاقي ??زي?? عمر ايوب خان چيو آهي ته ڪراچي جي عوام کي مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ وفاقي حڪومت خصوصي قدم کڻي رهي آ??ي، ڪي اليڪٽرڪ کي 200 ميگاواٽ اضافي بجلي جي پيداوار لاءِ وڌيڪ 30 ايم ايم سي ايف ڊي گئس ڏينداسين، نيپرا ۾ سنڌ جو نمائندو سن?? حڪومت نامزد ڪيو آ??ي، سن?? حڪومت ان جي خلاف ٺوس ڪارروائي ڪري، نيپرا ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي معاملي تي سڀاڻي ٻڌڻي آ??ي، ڪراچي ۾ غفلت سان پاڻي بيهڻ سان حادثن جي ذميدارن جي خلاف سن?? حڪومت ڪارروائي ڪري. هن اها ڳالهه قومي اسيمبلي ۾ آغا رفيع الله ۽ ٻين ميمبرن جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي چئي، عمر ايوب چيو ته نيپرا ڪابينا ڊويزن تحت اچي ٿي، ڪي اليڪٽرڪ جو مسئلو سالن کان آ??ي، موجوده حڪومت ڪراچي کي بجلي جي سپلائي جي معاملي تي ڪم ڪري رهي آ??ي، هن وقت تائين ڪراچي کي 30 هزار ميٽرڪ ٽن ٻارڻ ۽ 100 ايم ايم سي ايف ڊي گئس ڪراچي جي عوام جي ڏکيائي ختم ڪرڻ لاءِ ڏئي رهيا آهيون، ڪي اليڪٽرڪ جو سسٽم اهڙو ناهي جو نيشنل گرڊ کان وڌيڪ بجلي حاصل ڪري سگ??ي، ڪراچي ايسٽ ۽ ويسٽ ۾ ٻه گرڊ اسٽيشن ٺاهيا پيا وڃن.