اسلام آباد – 13 اپريل (اي پي پي) ڪور??نا وائرس جي صورتحال تي قائم ڪيل خصوصي پارلياماني ڪميٽي پرڏيهي ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي چيو آهي ته هو سگهه، حوصلي ۽ صبر کان ڪم وٺن، حڪومت کين واپس وطن آڻڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آ??ي، ڪور??نا جي وبا الله جي طر??ان امتحان آهي اهو حڪومت سان تع??ون ڪن، جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جو چوڻ هو ته ڪور??نا وائرس جي صورتحال ۾ عالمي سطح تي ٺاهيل ايس او پيز کي نظر ۾ رکندي پارليامنيٽ ڀرپور ۽ موثر انداز ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آ??ي، مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نور الحق قادري جو چوڻ هو ته چئني صوبن گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي عالم سڳورن سان ضلعي سطح تي مشاورت سان رمضان المبارڪ ۽ مسجدن جي حوالي سان جيڪا به پاليسي ٺهندي اها پوري ملڪ لاءِ هوندي، مولانا فضل الرحمان، سراج الحق، ساجد نقوي سميت ٻين مسلڪن جا عالم سڳورا ۽ قيادت سان گڏجي پاليسي کي حتمي شڪل ڏيندا.