اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڀارت طرفان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪراري حيثيت کي تبديل ڪرڻ لاءِ غير قانوني، هڪ طرفي قدمن ۽ شهري آزاد??ن کي معطل ڪرڻ والاريل وادي جي عوام جي انساني حقن جي خلاف ورزي آهي، عالمي برادري ??ي ڀارت جي فاشسٽ حڪومت جي هٿان ڪشميري عوام جي مشڪلاتن جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادار ڪرڻ ??هر??ي، اقتصادي مفادن تي اخلاقي اصولن کي قربان نه ڪرڻ ??هر??ي، اهڙن خيالن جو اظهار هن يورپي يونين ملٽري ??ميٽي جي چيئرمين جنرل ڪلاڊيو گرازيانو سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.