واشنگٽن -11 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي ارب پتي ۽ ٽيسلا ۽ اسپيس ايڪس جي سي اي او ايلون مسڪ چيو آهي ته آمريڪا تيزي سان ڏيوالو ٿيڻ طرف وڃي رهيو آهي. سوشل ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ هن دعويٰ ڪئي ته آمريڪي وف??قي حڪومت جا قرض ساڍا 300 کرب ??ال??ن کان وڌي ويا آهن ۽ انهن قرضن تي وياج جي لاڳت آمريڪا جي دفاعي بجيٽ کان به وڌيڪ آهي. آمريڪا جي ??اڻ?? واري وزار?? موجب هلندڙ سال جولاءِ جي آخر تائين آمريڪي حڪومت جو قرض 35 کرب ??ال??ن کان وڌي ويو هو ۽ صرف آخري 6 مهينن دوران قرض ۾ 10 کرب ??ال??ن جو اضافو ٿيو آهي. آمريڪي نمائندن واري ايوان سالياني دفاعي پاليسي بل جو پنهنجو ويزن منظور ڪيو جنهن ۾ 895 بلين ??ال??ز جي خرچن جي منظوري ڏني آهي. جيڪو گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ هڪ سيڪ??و وڌيڪ آهي. ايلون مسڪ چيو ته قومي قرضن تي وياج جي ادائگي هاڻي ملڪي دفاعي بجيٽ کان به وڌي وئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ آمريڪا تيزي سان ڏيوالو ٿيڻ طرف وڃي رهيو آهي. واضح رهي ته ايلون مسڪ هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ پڻ آمريڪي انتظاميه کي خبردار ڪيو هو ته حڪومتي خرچن جي موجوده شرح آمريڪا کي ڏيوالو ٿيڻ طرف وٺي وڃي رهي آهي ۽ حڪومتي خرچن ۾ اضافي سان ملڪ ۾ مهانگائي وڌي رهي آهي.