لاهور-03 جنوري(اي ??ي پي) لاهور سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ شديد ڪوهيڙي سبب پنج اڏامون متبادل هوائي اڏ?? تي لاٿيون ويون جڏهن ته خراب موسم سبب ٽي اڏامون ملتوي ڪيون ويون ۽ 41 دير ج?? شڪار ٿيون، شديد ڪوهيڙي سبب موٽر ويز کي ڪيترن ئي هنڌ تان بند ڪيو ويو آهي.پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ڪوهيڙي سبب ٽريفڪ جي رواني پڻ متاثر ٿي .اي ??ي پي کي مليل ڄاڻ موجب ملڪ جي مختلف شهرن ۾ شديد ڪوهيڙي سبب فلائٽ آپريشن پڻ متاثر ٿيو ،مختلف شهرن ۾ پنج اڏامون متبادل هوائي اڏ?? تي لاٿيون ويون.خراب موسم سبب ٽي اڏامون ملتوي ٿيون جڏهن ته 41 دير ج?? شڪار ٿيون. شديد ڪوهيڙي سبب موٽر ويز کي پڻ مختلف جاين ??ان بند ڪيو ويو. موٽر وي ايم 2 لاهور کي ڪوٽ مومن تائين ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو جڏهن ته موٽر وي ايم 3 لاهور کان عبدالحڪيم تائين ??ند ڪيو ويو آهي. موٽر وي ايم 4 پنڊي ڀٽيان کان ملتان تائين ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي. موٽر وي ايم 5 شير شاهه کان روهڙي تائين ??ند آهي جڏهن ته لاهور سيالڪوٽ موٽر وي ايم 11 کي پڻ ٽريفڪ جي اچ وڃ لاءِ بند ڪيو ويو آهي.