اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عل??وف سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ جهاز جي افسوسناڪ حادثي تي ساڻس تعزيت ڪئ??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ شام آذربائيجان جي صدر الهام عل??وف سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئ?? ۽ 25 ڊسمبر 2024ع تي اذال ايئرلائين جي افسوسناڪ حادثي ۾ قيمتي ج??ني?? جي زيان تي آذربائيجان جي عوام سان دلي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ت?? پوري پاڪستاني قوم آذربائيجان جي ڀائر عوام جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي ۽ سوڳوار خاندانن ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي لاءِ الله تعاليٰ کان دعاڳو آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ت?? آذربائيجان جي ڀائر عوام صبر ۽ استقامت سان ان سانحي کي منهن ڏيندي. ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ شاندار ٻطرفن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم صدر عل??وف کي يقين ڏياريو ت?? پاڪستان هن مشڪل وقت ۾ آذربائيجان کي گهربل هر تعاون فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. صدر عل??وف افسوسناڪ واقعي جي ڏس ۾ حمايت ۽ يڪجهتي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن چيو ت?? وزيراعظم جو ان موقعي تي آذربائيجان سان گڏ بيهڻ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي پائيدار رشتي جو عڪاس آهي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ دوستي جي مضبوط رشتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان کان اڳ وزيراعظم اسلام آباد ۾ آذربائيجان جي سفارتخاني جو دورو پڻ ڪيو ۽ گذريل ڏينهن جهاز حادثي جي حوالي سان تعزيتي ڪتاب تي پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا.