اسلام آباد-12 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر غلام مصطفيٰ شاهه ايوان ۾ وز??رن ۽ پارلياماني سيڪريٽرين جي غير حاضري تي وز??راعظم شهباز شريف کي خط لکڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته ايندڙ هفتي وز??ر ۽ پارلياماني سيڪريٽريز ايوان ۾ موجود نه هوندا ته ايوان جي ڪارروائي نه هلائي ويندي. ڊپٽي اسپيڪر ايوان جي ڪارروائي اڄ جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. خميس ڏينهن قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر مصطفيٰ شاهه جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. تلاوت ڪلام پاڪ، حديث ۽ قومي تراني کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر سوالن واري ??قف?? جي شروعات ڪئي، اعتراض واري نقطي تي ڳالهائيندي اسد قيصر چيو ته ڪالهه وانگر اڄ به ايوان ۾ نه ته وز??ر موجود آهن ۽ نه ئي وفاقي پارلياماني سيڪريٽريز موجود آهن ته ميمبرن جي سوالن جا جواب ڪير ڏيندو ??نه?? تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اجلاس 15 منٽن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو. ??قف?? کانپوءِ اجلاس ٻيهر شروع ٿيو ته سوالن وارو ??قف?? ٻيهر شروع ڪيو ويو، پاڪستان پيپلزپارٽي جي ايم اين اين سيد نويد قمر ٻيهر اهو ئي معاملو اٿاريو ته وفاقي وز??ر ۽ سيڪريٽرين جي غير حاضري ۾ سوالن وارو ??قف?? ڪيئن هلائي سگهجي ٿو. اعتراض واري نقطي تي ڳالهائيندي مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب چيو ته گذريل ٻن ڏينهن کان وز??ر ۽ پارلياماني سيڪريٽرين جي غير حاضري جي نشاندهي ڪئي پئي وڃي، ڊپٽي اسپيڪر رمارڪس ڏنا ته ان صورتحال بابت وز??راعظم کي خط لکي رهيا آهيون، هن ايجنڊا ملتوي ڪندي ايوان جي ڪارروائي اڄ جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.