رياض – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان م??اقات ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي طريقن تي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي وئي آهي. سوشل ميڊيا اي??س تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته ون واٽر سمٽ جي موقعي تي پنهنجي ڀاءُ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان م??اقات خوشي ۽ اعزاز هو. اسان پنهنجي ??ضب??ط ڀائراڻن لاڳاپن ج?? ورجاءُ ڪيو ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ پنهنجي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي طريقن تي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته لاڳيتو اعليٰ سطحي مٽاسٽا اسان ج?? ٻنهي ملڪن ج?? وچ ۾ ??ڏي?? لاڀائتي اقتصادي تعاون ج?? راهه هموار ڪري رهي آهي. پنهنجي عوام جي مفاد ۾ سعودي عرب ۽ پاڪستان ج?? وچ ۾ ويجها لاڳاپا قائم ڪرڻ ۾ انهن ج?? ذاتي دلچسپي ۽ حمايت جي لاءِ ٿورائتو آهيان.