اسلام آباد-21 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبر ضلعي
جي علائقي راجگال ۾ س??ڪي??رٽي آپريشن ۾ فتنه الخوارج جي 4 دهشتگردن کي
جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي س??ڪي??رٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي.
وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم
فائرنگ ج?? ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جي سپاهي عامر سهيل آفريدي جي شهادت تي
افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم شهيد سپاهي لاءِ بخشش ۽ وارثن لاءِ
صبر جي دعا ڪندي چيو ت?? قوم جي پٽن جون قربانيون رائيگان وڃڻ نه
ڏينداسين. وزيراعظم چيو ته انسانيت جي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾
ملائيندا رهنداسين، حڪومت ۽ س??ڪي??رٽي فورسز ملڪ مان فتنه الخوارج جي
مڪمل خاتمي لاءِ سرگرم ع??ل آهن.