اسلام آب??د-27 نومبر (اي پي پي) اسلام آب??د پوليس مددگار فورسز فرنٽيئر ڪور، پنجاب رينجرز سميت ٻين ادارن جي مدد سان ڊي چوڪ کان خيبر پلازه، بليو ايريا جي ٻنهي پاسن کي مظاهرين کان خالي ڪرائي ورتو آهي، حڪومت جي اثرائتي حڪمت عملي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي وقت سر ڪارروائي جي ڪري وفاقي حڪومت ۽ راولپنڊي ۾ امن امان مڪمل طور تي بحال ٿيو ويو آهي. ڪارروائي کانپوءِ اسلام آب??د ۽ راولپنڊي جا سمورا داخلي ۽ خارجي رستا کوليا ويا آ??ن. موٽر وي ايم 1- (اسلام آب??د کان پشاور)، ايم – 2 (اسلام آب??د کان لاهور)، ايم -3، ايم-4، ايم -5 ۽ لاهور – سيالڪوٽ موٽر وي سميت سمورا رستا هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بحال ڪيا ويا آ??ن. اهڙي طرح سموريون وڏيون هاءِ ويز ۽ فيض آب??د انٽرچينج تان به ڪنٽينر هٽايا ويا آ??ن. مظاهري سبب متاثر ٿيل تعليمي ادارا 28 نومبر کان معمول موجب کلي ويندا. آفيسن ۾ حاضري مڪمل ٿي وئي آهي ۽ انٽرنيٽ سروس به بحال ڪئي وئي آهي. گهرو وزارت بيلاروس جي صدر ۽ سندس 65 رڪني وفد جي موجودگي دوران حڪومت ريذ زون جي سيڪيورٽي پاڪ فوج جي حوالي ڪري ڇڏ?? هئي. مظاهرو ڪندڙن کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ اسلام آب??د پوليس، ايف سي، پنجاب رينجرز ۽ ٻين فورسز جي اضافي نفري مقرر ڪئي وئي هئي، جنهن ڪنهن اڻوڻندڙ واقعي کانسواءِ امن امان قائم رکيو. گهرو وزير ڪليئر ڪرايل علائقن جو دورو ڪيو ۽ فورسز جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته الله جو شڪر آهي ته شرپسند عنصرن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائيندي امن قائم رکندڙ ادارن جي محنت سان پاڪستان جي عوام جي ڪاميابي ٿي آهي. هن فوري صفائي ۽ رڪاوٽون هٽائڻ جا به حڪم جاري ڪيا. مظاهرن سبب معطل ڪيل موبائيل ۽ انٽرنيٽ سروسز به آهستي آهستي صحيح ٿي رهي آهي.ٽيلي ڪام ڪمپنين وفاقي گادي واري شهر ۽ راولپنڊي ۾ نيٽو رڪ جي مڪمل بحالي لاءِ قدم شروع ڪري ڇڏ??ا آ??ن. انٽرنيٽ جي دستيابي سان ڪاروباري سرگرميون، آن لائن تعليمي نظام ۽ عوامي رابطا ??يهر بحال ٿي ويا آ??ن، جنهن تي شهرين اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. مظاهرين جي ڇڙوڇڙ ٿيڻ کانپوءِ اسلام آب??د ۽ راولپنڊي جي شهرين سک جو ساهه کنيو آهي، بند رستا کلڻ سان روزمره جا معمول بحال ٿي ويا آ??ن، شهرين حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي حڪمت عملي کي ساراهيندي ان جو ٿورو مڃيو. حڪومت جي ڪامياب حڪمت عملي حڪومت جي دانشمداڻي حڪمي عملي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادرن جي وقت سر ڪارروائي مظاهرن سبب پيدا ٿيل صورتحال کي مڪمل ضابطي ۾ آڻي ورتو. شهرين جو اعتماد بحال ٿي رهيو آهي. جاڙن شهرن ۾ زندگي مڪمل طور تي معمول تي اچي چڪي آهي.