اسلام ??باد – 21 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته اسپين جي سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت ڪميٽي جي هڪ اعليٰ سطح جي پارلياماني وفد 13 کان 19 نومبر ت??ئي?? پاڪستان جو دورو ڪيو. اها ڳالهه هن پريس بريفنگ ۾ چئي. ترجمان چيو ته اسپين جي وفد قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر خان، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف، پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان ۽ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ سان ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن ۾ ڌرين ويجهي ٻطرفي لاڳاپن جي توثيق ڪئي ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ سياحت کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ترجمان چيو ته ڌرين ??عل??م، زراعت، قابل تجديد توانائي، موسمياتي تبديلي، ڊيزا??ٽر رسڪ مئنيجمينٽ ۽ آلودگي تي ضابطو آڻڻ ۾ تعاون کي وڌائڻ سميت ٻطرفن لاڳاپن ۽ عوام ??ان عوام ??ي رابطن کي فروغ ڏيڻ ۾ پارلياماني مصروفيتن جي مثبت ڪردار کي نوٽ ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پارلياماني مٽاسٽا ۽ تعاون کي جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.