راولپنڊي- 20 نومبر (اي پي پي) سيڪيورٽ?? فورسز بنون ۾ دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، سيڪيورٽ?? فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته ڌماڪيدار مواد سان ڀريل گاڏي ٽڪر??ئج?? سبب ڌماڪي جي نتيجي ۾ 12 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب 19 نومبر 2024ع تي خو??رج بنون جي علائقي ملي خيل ۾ گڏيل چيڪ پوسٽ تي حملي جي ڪوشش ڪئي. جوابي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 6 خوارجي مارجي ويا. سيڪيورٽ?? فورسز حملي آورن طرفان پوسٽ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي جنهن کانپوءِ خو??رج ڌماڪيدار مادي سان ڀريل هڪ گاڏي کي پوسٽ جي ديوار سان ٽڪرائي ڇڏيو. آپگهاتي ڌماڪي سان پوسٽ جي حد جي ڀت جو هڪ حصو ڪري پيو ۽ ڀرپاسي جي عمارتن کي نقصان پهتو. ان واقعي ۾ سيڪيورٽ?? فورسز جا اهلڪار 12 اهلڪار شهيد ٿي ويا، جن ۾ سيڪيورٽ?? فورسز جا 10 ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جا 2 اهلڪار شامل آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي ۽ ان ڪڌي عمل جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. پاڪستان جي سيڪيورٽ?? فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دهشتگردي جي ناسور کي پاڙ کان ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن. اسان جي بهادر پٽن جون اهي قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.