اسلام آباد- 20 نومبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن ??قبال چيو آهي ته جي ايس پي پلس پ??ڪس??اني روانگي واپار جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ملڪ جي معيشت کي متنوع بڻائڻ جو موقعو فراهم ڪيو آهي، ان جي فا??دن کي مستقل بڻائڻ لاءِ معيار ۽ پاليسين کي بهتر ڪيو وڃي ته جيئن عالمي مارڪيٽ ۾ چٽاڀيٽي برقرار رهي. اهڙو اظهار هن فريڊرڪ نعمان فا??ونڊيشن تحت واپار ذريعي بهتر گورننس کي هٿي ڏيڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته جي ايس پي پلس پروگرام پ??ڪس??ان جي روانگي واپار ۾ اضافو ڪيو آهي، ٽيڪسٽائل، چمڙي جي سامان ۽ زرعي مصنوعات جي شعبي کي فا??دو پهتو آهي، ٽيڪسٽائل يورپي يونين جي پ??ڪس??اني روانگي واپار جي ڪرنگهي جي هڏي آهي، جي ايس پي پلس تحت وڌندڙ روانگي واپار جا موقعا پيدا ڪيا ۽ غربت ۾ گهٽتائي آندي. احسن ??قبال چيو ته يورپي يونين ۽ پ??ڪس??ان جون ڳالهيون ماحولياتي معيارن ۽ گورننس سڌارن تي ٻڌل آهن، پ??ڪس??ان کي ٽيڪنالاجي ۽ هنر جي ترقي لاءِ يورپي يونين کي واپاري پاليسي مان فا??دو کڻڻ گهرجي، يورپي يونين سان واپاري حصيداري پ??ڪس??ان لاءِ اهم آهي، احسن ??قبال چيو ته جي ايس پي پلس پروگرام اقتصادي ترقي، گورننس ۽ واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، واپار، سول سوسائٽي ۽ عالمي برادري وچ ۾ تعاون ضروري آهي ته جيئن ان پروگرام جي مڪمل صلاحيت کي يقيني بڻائي سگهجي. حڪومت جي پائيدار ترقياتي ايجنڊا ۾ واپار ۽ روانگي واپار کي اولين ترجيح ڏني و ئي آهي، پائيدار معاشي استحڪام لاءِ موثر قدم کنيا پيا وڃن. احسن ??قبال چيو ته معاشي استحڪام لاءِ پبلڪ پرائيويٽ حصيداري اهم ثابت ٿيندي، 5 ايز فريم ورڪ ۾ ايڪسپورٽ، انرجي، ايڪويٽي، اي پ??ڪس??ان ۽ انوائرمينٽ شامل آهن. ملڪي معيشت مثبت رخ تي گامزن آهي. جي ايس پي پلس سان يورپي منڊين لاءِ پ??ڪس??ان جي روانگي واپار ۾ نمايان اضافو ٿيو، موسمياتي تبديلي جي اثرن سان پ??ڪس??ان جي معيشت کي نقصان پهتو. هن چيو ته مستقبل ۾ 2022ع جهڙي ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ منصوبابندي ڪرڻي پوندي. پ??ڪس??ان جي روانگي واپار ۾ اضافي لاءِ وسيع موقعا موجود آهن، ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي لاءِ نجي شعبي جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي. احسن ??قبال چيو ته ملڪ ۾ تجديد جوڳي توانائي کي هٿي ڏيڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، جي ايس پي پلس تي عملدرآمد جو ج??ئزو وٺڻ لاءِ جلد ٽاسڪ فورس قائم ڪئي ويندي. روانگي واپار تي ٻڌل معيشت سان ئي پائيدار ترقياتي هدفن جي حاصلات ممڪن آهي.