اسلام آباد – 05 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چ??و آهي ته
اڱاري ڏينهن جي صبح ڪراچي ۾ نجي گارڊ سان جهيڙي کانپوءِ فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻه چيني شهري زخمي ٿيا، زخمين کي فوري طور تي اسپتال آندو ويو ۽ اهي علاج هيٺ آهن، اسان زخمين جي گهرڀاتين سان ??مدرديءَ جو اظهار ڪريون ٿا ۽ انهن جي جل?? صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان ??وجب واقعي جي جاچ جاري آهي، پاڪ??تا?? ذميوار ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي وزارت، گهرو وزارت ۽ اسلام آباد ۾ چيني سفارتخاني سان ??يجهي رابطي ۾ آهيون. پرڏيهي آفيس جو چوڻ هو ته پاڪ??تا?? ۽ چين ويجها حصيدار ۽ مضبوط ڀائر آهن جيڪي گڏيل احترام ۽ گڏي?? تقدير جي ٻنڌڻن ۾ متحد آهن. پاڪ??تا?? چيني شهرين، منصوبن ۽ پاڪ??تا?? ۾ ادارن جي تحفظ جي لاءِ پنهنجي پختي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو.