اسلام آباد – 01 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته بلوچستان ۾ ڪنيڪٽ??ٽي کي هٿي ڏيڻ ۽ غربت کي ختم ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا ويندا. سينيٽ اجلاس ۾ ايمل ولي خان ۽ منظور احمد ڪاڪڙ جي سوال جي جواب ۾ احسن اقبال چيو ته 18هين ترميم ت??ت صوبن کي وسيلن جي فراهمي سان گڏ انتظامي سڌارن ۾ اضافي جي تربيت ڏني ويندي آهي. ضلعي سطح تي بلدياتي نظام کي مضبوط بڻايو وڃي ته جيئن هيٺاهين سطح تي عوام کي سهولتون فراهم ڪري سگهجن. بلوچستان لاءِ فنڊ اتي جي عوام جي بهتري لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجن. 18 هين ترميم کانپوءِ صو??ن وچ ۾ ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو مقابلو آهي. بلوچستان ۾ ڪنيڪٽ??ٽي کي هٿي ڏيڻ ۽ غربت کي ختم ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا ويندا.