اسلام آباد-30 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ف??ڊ سيڪيورٽي واري وف??قي وزير رانا تنوير حس??ن سان اٽلي جي سفير ميريلنيا آرميلن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ زرعي ۽ ڊيري مصنوعات جي پيداوار جي حوالي سان گڏيل سهڪار تي زور ڀريو ويو. نيشنل ف??ڊ سيڪيورٽي واري وزارت جي ترجمان مطابق وف??قي وزير چيو ته اٽلي ۽ پاڪستان وچ ۾ گهرا لاڳاپا گڏيل سهڪار جي بنياد تي آهن. ??ني?? کي فوڊ سيڪيورٽي جا چئلينجز درپيش آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف خاص طور تي زرعي پيداوار جي شعبي کي هٿي وٺرائڻ تي توجهه ڏئي رهيو آهي. وف??قي وزير چيو ته پاڪستان کير جي پيداوار جي حوالي سان پهرين صف جي ملڪن ۾ شامل آهي. اٽلي پاڪستان مان اُٺ جو کير آمدني واپار ڪري سگهي ٿو. وف??قي وزير جو چوڻ هو ته پاڪستاني زرعي مصنوعات جي روانگي واپار لاءِ ڪيترائي موقعا موجود آهن. مصنوعات جي ڪوائلٽي کي بهتر ۽ ويليو ايڊڊ بنائڻ لاءِ حڪومت ڪيترائي قدم کڻي رهي آهي.