واشنگٽن-24 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير ??ين??ٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته گذريل هڪ سال دوران معيشت جي بهتري ل??ءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا ويا جن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ مهانگائي ۾ گهٽتائي سان گڏ مختلف شعبن ۾ بهتري ڏسڻ ل??ءِ ملي آهي. انهن سڌارن جو مقصد معاشي استحڪام ۽ پائيدار ترقي کي يقيني بڻائڻ هو، جنهن ل??ءِ اهم اقتصادي ۽ انتظامي تبديليون متعارف ڪرايون ويون. اهڙو اظهار هن واشنگٽن ۾ ولسن ??ين??ر ۾ پاڪستان جي معاشي صورتحال جي حوالي سان ڳالهائيندي ڪيو. هن گذريل هڪ سال دوران معيشت جي ڪارڪردگي ۽ مختلف سڌارن جو ذڪر ڪيو، جن ۾ ٽيڪس کي وڌائڻ، خرچن ۾ گهٽتائي، توانائي جي شعبي ۾ سڌارا، سرڪاري ادارن جي حڪمراني کي بهتر بڻائڻ، ڪاروبار ل??ءِ هڪجهڙا موقعا فراهم ڪرڻ ۽ مو??مياتي استحڪام جون ڪوششون شامل آهن. معاشي ڪارڪردگي کي اجاگر ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته انهن سڌارن ۾ ٽيڪس بيس کي وسيع ڪرڻ شامل هو ته جيئن ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي شرح ۾ اضافو ٿي سگهي، جڏهن ته خرچن تي ضابطو آڻڻ ل??ءِ سبسڊي ۾ گهٽتائي ڪئي وئي. توانائي جي شعبي ۾ به بهتري ل??ءِ قدم کنيا ويا. سرڪاري ادارن جي حڪمراني کي بهتر بڻائڻ تي ڪم ٿيو، ڪاروباري ادارن ل??ءِ برابر موقعا فراهم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون ۽ مو??مياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ ل??ءِ قدم کنيا ويا ته جيئن معيشت کي پائيدار بڻائي سگهجي.