اسلام آباد -15 آڪٽوبر (اي پي پي) شنگهائي ت??اون تنظيم جي حڪومتي سربراهن واري اجلاس ۾ ??رڪ?? لاءِ ترڪمانستان جي ڪابينه جو نائ?? چيئرمين راشد ميريدوف گذريل ڏينهن اسلام آباد پهچي ويو آهي. اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ت??ليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي ۽ ٻين اعليٰ اختيارين سندس شاندار استق??ال ڪيو. ان موقعي تي روايتي لباس پهريل ٻارڙن معزز مهمان کي گلدستا پيش ڪيا. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ خيرسگالي جون ڳالهيون ٿيون. ترڪمانستان جي ڪابينه جي نائ?? چيئرمين راشد ميريدوف سان گڏ اعليٰ سطحي وفد به هو.