اسلام آباد – 05 ?? سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني (اين ٽي ڊي سي) وزيراعظم جي عورتن کي بااختيار بڻائڻ واري پروگرام تحت اسلام آباد جي آفيس ۾ هڪ جديد ڊي ڪيئر سينٽر قائم ڪيو آه??. اداري جي جنرل مئنيجر (ايڇ آر) انجنيئ?? سهيل ممتاز باجوا ۽ جنرل مئنيجر پروجيڪٽ ڊليوري (اتر) انجنيئر شاهد نذير زيرو پوائنٽ جي ويجهو سيڪٽر جي سيون ون ۾ قائم آفيس ۾ ڊي ڪيئر سينٽر جو افتتاح ڪيو، ڊي ڪيئر سينٽر قائم ڪرڻ جو مقصد آفيس ۾ ڪم ڪندڙ عورت آفيسرن ۽ عملي جي سهولت مهيا ڪرڻ آه??، اداري جي جنرل مئنيجر سينٽر ۾ موجود راندين ج?? ڪمري، نرسري ۽ باورچي خاني جو دورو ڪيو ۽ اعليٰ معيار جي سهولتن ج?? ساراهه ڪئي. اهو منصوبو اين ٽي ڊي سي ۾ ٽيون اضافو آه??، ان کان اڳ شاهين ڪمپليڪس ۽ لاهور ۾ ٽي ايس جي ٽريننگ سينٽر اڳ ۾ ئي قائم آه??، جڏهن ته ملتان، حيدرآباد ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ آفيسرن لاءِ وڌيڪ ڊي ڪيئر سينٽر پڻ قائم ڪيا ويا آه??. توانائي واري وزارت (پاور ڊويزن) جي هدايتن ج?? تعميل ۾ هيڊ آفيس جي سطح تي هڪ ڪراس فنڪشنل ٽيم جوڙي وئي آه??، ج??ڪا عورتن ج?? ملازمن لاءِ ڊي ڪيئر سينٽرز ۽ سهولتن ج?? قيام جي معاملن ج?? نگراني ڪندي. ان موقعي تي اين ٽي ڊي سي ڊي ڪيئر سينٽرز جو فوڪل پرسن ۽ ٻيا سينيئر آفيسر ۽ بيو عملو موجود هو.